پشاور – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جي لُٽ مار جي ڪري پاڪستان قرضي ٿيو، ماضي جي حڪمرانن جي شاهه خرچين سان خرچ وڌيا، وزيراعظم پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي ڪا ڪيمپ آفيس نه آهي، تحريڪ انصاف جو شروع کان موقف رهيو آهي ته چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ٿيڻ گهرجن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سڄ?? ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ بنا ڪنهن فرق هر خاندان کي ڏنو پيو وڃ??، پر سنڌ ۾ صحت جو نظام گهڻو خراب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 8 سالن کان اسان جي حڪومت آهي، صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هر شعبي ۾ ڪم ڪيو.