اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياسي سطح تي ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاو?? کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي سان هتي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته سيڙپڪار?? جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري ??فد?? کي گڏيل رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن سيڙپڪار?? جا ام??ان ڳولي سگهجن، هن چيو ته پاڪستان، ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپ?? کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاو?? کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.