اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزاد ۽ م??فوظ سرحدن تي يقين رکي ٿي، سرحدن کي محفوظ بڻائڻ سان گڏوگڏ واپاري سرگرمين خاص ط??ر تي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار موجوده بارڊر مئنيجمينٽ سسٽم کي وڌيڪ فعال ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.