اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? سان آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد موجوده حڪومت جي طرفان ڪاروباري برادري جي لاءِ سهولتون خاص طور تي ايز آف ڊوئنگ ??زنس جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن کي ساراهيو، وفد ۾ موجود مختلف شعب?? سان تعلق رکند?? ماڻهن پنهنجي ڪمپنين جي ڪاروباري سرگرمين ۽ لاڳاپيل معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو، وفد جي ميمبرن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دو??ت پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ اهي پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، ڪاروباري طبقي جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وفد مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون، وزيراعظم وفد کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاروباري برادري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، منافع بخش ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.