اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي مهم ۾ شريڪ ڪابينا ميمبرن ۽ ا?? پيغام ۾ عوام تائين په??ائ??ندڙ اطلاعات واري وزارت ۽ ميڊيا جي نم??ئندن سان ٿوري جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي جدوجهد جاري رهندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حڪومت جي ٻه سالا ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ جي مهم جو حصو بڻجندڙ ڪابينا جي ميمبرن جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي ڪارڪردگي جو پيغام عوام تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي اطلاعات واري وزارت ۽ ميڊيا جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو.