اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽ معاشري ۾ هيٺئين سطح تي شهري ذميوارين جو احساس پيدا ڪري تبديلي جا محرڪ بڻجي سگهن ٿا، ڪيترين ئي قومن قوت، علم، ڏاهپ ۽ بلند ڪردار سان پنهنجي جڳهه ٺاهي آه??، اڄ اسا?? کي انهن ئي اصولن تي هلندي ملڪ کي ??رقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 16هين چيف اسڪائوٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻائڻ کانپوءِ تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي.