اسلام ??با?? – 06 – آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد مريد عباس خان قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏ??نه?? جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽر انجنيئر سعد مدثر کي ٽن ڏ??نه?? جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت آڏو پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدا??ن جي بئنڪ اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ باقي آهي. جوابدا??ن جو 7 ڏ??نه?? جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران ??ي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان ??ردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ انهن جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا. سردار يعقوب مستوئي چيو ته سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي 124 ملين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان ??رڪاري رقم جي وصولي جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏ??نه?? جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.