اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي و??ير عبدالعليم خان چيو آهي ته نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري پريس رليز موجب وفاقي و??ير آذربائيجان ۾ پاڪستاني سفير سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس دوران آذربائيجان جي تازي دؤري جي روشني ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاملن تي غور ويچار ۽ آئنده لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي و??ير، آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين کان فالو اپ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڊيو لِنڪ اجلاس ۾ مواصلات ۽ نجڪاري جا وفاقي سيڪريٽري به شريڪ هئا. هن پنهنجي کاتي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قاسم محي الدين، وفاقي و??ير کي مختلف معاملن تي ٿيل اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ??يو ته آذربائيجان جا مختلف سرڪاري ادارا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ادارن جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ان موقعي تي وفاقي و??ير چيو ته آذربائيجان سان مواصلات جي شعبي ۾ ٻن موٽر ويز، ايم 6 ۽ ايم 9 ۾ سيڙپڪاري تي به غور ڪيو. هن چيو ته ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پاڪستان ۾ سفيرن سان جلد ڌار ڌار ملاقاتون ڪندس. هن هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتخانو ڊسمبر جي جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس کان پهرين پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري. وفاقي و??ير کي آذربائيجان سان سيڙپڪاريءَ لاءِ ”جي ٽو جي“ طريقيڪار تي سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن سرگرمين جي باري ۾ به بريفنگ ڏني و??ي. هن چيو ته واپاري معاملن تي سينٽرل ايشيا پاڪستان لاءِ اوڀر يورپ تائين گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. وفاقي و??ير چيو ته باڪو، آذربائيجان ۾ هلندڙ مهيني ٿيل ڪوپ-29 ۾ پاڪستان جي نمائندگي نمايان رهي.