اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت کي خدشا آهن ته آگاهه ڪري اسان ختم ڪنداسين پر چيمپئنز ??رافي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ هو ته اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. چيمپئنز ??رافي پاڪستان ۾ ئي ڪرائينداسين، اسان آءِ سي سي کي خط لکيو هو، ان جي جواب جو انتظار آهي، آءِ سي سي کي پنهنجي ساک جي باري ۾ پاڻ سوچڻو پوندو. آءِ سي سي ڪرڪيٽ جي دنيا جي واحد مضبوط با??ي آهي. هن چيو ته هاڻ به چيمپئنز ??رافي جي باري ۾ سُٺي اميد رکان ٿو، راند ۽ سياست ڌار ڌار شيون آهن، ڪنهن به ملڪ کي سياست کي وچ ۾ نه آڻڻ گهرجي، منهنجو ناهي خيال ته ڪوبه اسان کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿو، ڀارت کان علاوه سموريون ٽيمون پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهن، ڀارت کي ڪا ڳڻتي آهي ته اسان سان ڳالهائي اسان دُور ڪنداسين. چيئرمين چيو ته چيمپئنز ??را??ي تائين عاقب جاويد کي ه??ڊ ڪوچ طور فرض انجام ڏيڻ جي گذارش ڪئي آ??ي. ??اقب جاويد وقتي طور تي ه??ڊ ڪوچ هوندو. اسان ه??ڊ ڪوچ لاءِ پنهنجو پراسز شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، عاقب جاويد چيمپئنز ??را??ي تائين وائيٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ ه??ڊ ڪوچ هوندو.