اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ لا??ِ گڏيل قومن جي آبادي (يو اين ايف پي اي) بابت فنڊ جي علائقائي ڊائريڪٽر پيو اسمٿ ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ صنفي مساوات، ٻار ۽ ماءُ جي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ نوجوانن کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم سماجي ترقياتي ??عا??لن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستان جي آبادي ج?? مسئلن کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ حل ڪري سگهجي. انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ انساني حقن جي عالمي معيار جي پاسداري ج?? عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته جٽادار ترقي ج?? هدفن تحت صنفي فرق ۽ سماجي ترقي ج?? مسئلن کي حل ڪرڻ لا??ِ جامع حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان مقصد تحت انساني حقن واري وزارت، مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن جي سهڪار سان صنفي بنياد تي تشدد (جي بي وي) جي خاتمي لا??ِ مردن ۽ ڇوڪرن کي به مددگار بڻائي رهي آهي. يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان اين جي اوز جي ڀائيواري سان تيار ڪيل ”نيشنل اسٽريٽجي فار ميل انوالوومينٽ ان ايڊريسنگ جي بي وي“ معاشرتي روا??تي تصورن کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن جي ذميداري کي هٿي ڏيڻ جو هدف رکي ٿي. وفاقي وزير ٻين گڏيل قومن جي ايجنسين سان جاري ڀائيواري تي به روشني وڌي ج??ڪا صنفي مساوات ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار آهي، جن ۾ يو اين وومن، يونيسيف ۽ يو اين ڊي پي جا گڏ??ل منصوبا شامل آهن. انهن ڀائيوارن جو مقصد اهڙا اثر پيدا ڪرڻ آهي ج??ڪي خاص طور تي انهن علائقن ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهن جتي ثقافتي رڪاوٽون ۽ محدود وسيلا صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. اها ملاقات پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ هڪ گڏيل ويزن جي نمائمندگي ڪري ٿي ج??هن جو مقصد هڪ وڌيڪ مساوي ۽ شمول??تي معاشري ج?? قيام آهي.