اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد ا??رنگزيب ??ان جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشن وڌي وئي ۽ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ?? بچاءَ جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي. سينيٽر محمد ا??رنگزيب، عرفان نذير اوگلو کي سندس سفارتي ذميدارين تي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپ?? کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن واشنگٽن ڊي سي ۾ هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ گروپ/آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگ 2024ع دوران ترڪيه جي ناڻي واري وزير مهمت شمشيڪ ??ان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاور سيڪٽر جي سڌارن جي حوالي ??ان ترڪيه جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا امڪان بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير ترڪيه جي ڪمپني?? کي پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي اڇ ڪئي جنهن ??ان بنهي ملڪ?? کي گڏيل فائدا حاصل ٿيندا. ترڪ سفير پاڪستان جي معاشي سڌار?? کي ساراهيو ۽ نات?? کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.