اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو آذربائيجان ??و دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان ??ي دوري دوران ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ??المي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان ??ي قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم ان موقعي تي ڊينمارڪ?? چيڪ ريپبلڪ جي وزيراعظمن ۽ آذربائيجان ??ي صدر سان ٻطرفيون ??لاقاتون ڪيون. وزيراعظم جي ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيرا??ظم?? گڏيل عرب امارات، تاجڪستان، ازبڪستان، قازقستان، نيپال جي صدرن سان ??يررسمي ملاقاتون ??ڻ ٿيون.