دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پ??ڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپا موجود آهن، ثقافتي رشتن کي مضبوط بڻائڻ وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي. اها ڳالهه هن قطر جي ثقافت واري وزير عبدالرحمان بن حماد الثاني جي خصوصي دعوت تي فارج الفن فيسٽيول ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير قطر جي ثقافت واري وزارت ۽ ثقافت واري وزير عبدالرحمان بن حماد الثاني کي فيسٽيول جي لاءِ بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني. فيسٽيول جي موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي تاجڪستان جي ثقافت واري وزير Matlubakhon Sattoriyen ۽ عراق جي ثقافت واري وزير ڊاڪٽر احمد الفلق ال بدراني سان ملاقات به ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته قطر جي ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي ??رو?? ڏيڻ جي محنت هڪ اعزاز آهي. فارج الفن جهڙا ايونٽس ثقافتي مٽاسٽا جي ا??ميت جو اظهار آهن. هن چيو ته پ??ڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رابطا موجود آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ثقافتي رشتن کي مضبوط بڻائڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهڙا ئي ا??ونٽس قوم کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ، گڏيل احترام کي وڌائڻ ۽ گڏيل ورثي جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن عالمي سطح تي فن جي منظرنامي جي لاءِ روايتي ۽ جديد قطري فن پيش ڪرڻ ۾ فارج الفن فيسٽيول پيش ڪندڙن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پ??ڪستان جي ثقافت ۽ قومي ورثي واري وزارت ثقافتي تعاون جي ??رو?? جهڙن قدمن جي حمايت ڪندي. هن چيو ته پ??ڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي ۽ ثقافتي مٽاسٽا وڌيڪ گهري ٿيندي. واضح رهي ته تازو ئي پاڪستان ۽ قطر ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي ??رو?? ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. ان معاهدي تحت 132 فن پارن کي قطر موڪليو ويو آهي ته جيئن انهن کي ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ تحت قطر ميوزيم ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. فارج الفن فيسٽيول 31 آڪٽوبر کان 6 نومبر تائين جاري رهندو. فيسٽيول ۾ قطر جي هر نموني جي جديد فن کي پيش ڪيو پيو وڃي. فارج الفن فيسٽيول فنڪارن، تخليقڪارن ۽ ثقافت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ان فيسٽيول ۾ سڄي خطي بشمول سڄي دنيا مان فنڪارن کي ورڪشاپ ۽ سيمينارز ۾ شرڪت جي لاءِ گهرايو ويو آهي.