اسلام آباد -27 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته پاڪستان ڪشمي??ين جي خوداراديت واري حق جو مضبوط حامي آهي، ڪشمير مسئلي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو جرئتمنداڻو موقف ڪشمير ڪاز جو پاڪستان جي پختي عزم ۽ پراڻي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي خواهش جو ڀرپور اظهار آهي. 27 ??ڪٽ??بر ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 27 ??ڪٽ??بر 1947ع ڄمون ڪشمير تي ڀا??ت جي فوجي قبضي جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. هندستان ان ڏينهن ڪشمي??ين جي جي خواهشن ابتڙ پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاهي غيرقانوني طور تي قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فاشسٽ حڪومت جي ظلمن ۽ ظالماڻين پاليسين ??او??ود ڪسميري عو??م پنهنجي آزادي لاءِ بهادريءَ سان غيرتمند جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪشميري عوام والاريل ڄمون ڪشمير کي ڀا??ت جي قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. عطاالله تارڙ چيو ته پاڪستان ڪڏهن به دنيا ۾ ڪشمي??ين جي جائز مقصد جي وڪالت کان پوئتي ناهي هٽيو. پاڪستان هميشه ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو واحد قبولڻ جوڳو حل گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري آهي پر ڀارت ڪشمير جي قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڳولهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان روڪي. هن چيو ته اسان يقين رکون ٿا ته ڪشميري عو??م پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندو ۽ آزادي جو خواب ساڀيان ٿيندو.