ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ??ادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو آمريت ۽ جبر خلاف مزاحمت ۽ جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي. مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته جمهوريت، انصاف ۽ برابري جي جدوجهد ۾ بيگم ڀٽو جون خدمتون ۽ قربانيون بي م??ال آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??ان بيگم نصرت ڀٽو کي سلام پيش ڪريان ٿو، جمهوريت لاءِ سندس بي لوث وابستگي، مسلسل چئلينجن جي باوجود سندس عزم ۽ حوصلو غير معمولي ورثي جو ثبوت آهي. بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت لاءِ قيد ۽ اذيتون برداشت ڪيون. پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ??اڪستان جي سياسي جدوجهد جي تاريخ بيگم ڀٽو جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري رهندي. هن چيو ته جمهوريت جي ماءُ جي ياد پارٽي ۽ قوم ٻنهي لاءِ امي??، طاقت ۽ رهنمائي جي علامت رهندي.