اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ??يڻ لاءِ جٽادار زرعي طريقن جي ضرورت آهي، جيڪي عالمي غذائي تحفظ ۽ آبادي جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهن. خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن ??يو ته موسمياتي تبديلي هڪٻئي سان جڙيل مڪينزم ذريعي غذائي تحفظ ۽ پائيدار زراعت تي ناڪاري اثر ڇڏي ٿي، هن ??يو ته وڌندڙ گرمي پد، برساتن جي تبديل ٿيندڙ طريقن ۽ انتهائي موسمي حالتون زرعي پيداواري صلاحيت کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ خوراڪ جون قيمتون ۽ گهٽ آمدني وارن گروهن ۾ غذائي کوٽ جي خطري ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن خبردار ڪيو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ 2050ع تائين وڌيڪ لکين ماڻهن ??ي بک کي منهن ??يڻو پئجي سگهجي ٿو. رومينه خورشيد عالم موسمياتي لچڪدار زراعت جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان موسمياتي خطرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ملڪ کي ٻوڏ ۽ سخت گرمي جهڙي شديد ??وسمي صورتحال درپيش آهي جيڪا زرعي پيداوار ۽ خوراڪ جي تحفظ کي خطري ۾ وجهي ٿي. هن ??يو ته موسمياتي چئلينجز کي منهن ??يڻ دوران وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پوکي جي طريقن ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن ??يو ته موسمياتي تبديلي سان غربت ۽ غذائي کوٽ ۾ اضافو ٿئي ٿو جڏهن ته اها متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي معيار ۽ دستيابي کي متاثر ڪري ٿي. هن مناسب غذائيت کي يقيني بڻائيندي موسمياتي اثرن کي برداشت ڪرڻ جي قابل پائيدار غذائي نظام قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدمن تي زور ڀريو.