اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪما??ست??ن جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئ??. م??اقات ۾ وزيراعظم ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقا??ي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ ترڪما??ست??ن جي خاص مهمان طور شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪما??ست??ن سان پاڪستان جي پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.
ترڪما??ست??ن جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڌرين پاران ٻطرفي تعاون جي مڪمل صلاحيت خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علائقا??ي رابطن جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي اهميت تي زور ڏنو. راشد مريدوف شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪما??ست??ن جي قيادت پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن پاڪستان ترڪما??ست??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ ويجها بڻائڻ جي لاءِ ترڪما??ست??ن جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو.