اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيل ??ي ڏاڍ کان متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ ”فلسطين ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ“ قائم ڪرڻ ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي گوادر بندرگاهه پاڪست??ن ۽ شنگهائي بندرگاهه چين کي سسٽر – پورٽس جي حيثيت ڏيڻ جي معاهدي ??ي صحيحن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيل ??ي ڏاڍ کان متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ فلسطين ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي اڪائونٽ کولڻ جي حوالي سان ضروري هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون. منصوبابندي وارو وفاقي ??زير احسن اقبال فلسطين ۽ لبنان جي حوالي سان امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪندو. وفاقي ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران وفاقي ??زارتن ۽ ادارن ۾ اي – آفيس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي اي – گورننس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان قدمن سان گڏيل قومن جي اي – گورننس ڊيو??پم??نٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ 14 درجا بهتري ٿي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سمورين 40 ڊويزنز ۾ اي – آفيس لاڳو ڪرڻ جو عمل جاري آهي ۽ ڪجهه وزارتن ۾ اي – آفيس جو 100 سيڪڙو لاڳو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم اي – آفيس لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ ان حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. وفاقي ڪابينا ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي فيصلن جي روشني ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ سبسڊيز جي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي گوادر بندرگاهه پاڪست??ن ۽ شنگهائي بندرگاهه چين کي سسٽر – پورٽس جي حيثيت ڏيڻ جي معاهدي ??ي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي پرڏيهي وزارت پاڪست??ن ۽ روانڊا جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي مفاهمت جي يادداشت ??ي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي پرڏيهي وزارت پاڪست??ن ۽ گهانا جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت ??ي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي جوڊيشل مئجسٽريٽ I – گوادر ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ I – حب کي منشيات جي خاتمي جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 25 سيپٽمبر 2024ع تي منعقد ڪيل ??جلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا چائينز انويسٽمينٽ پراجيڪٽس بابت ڪابينا ڪميٽي جي 16 سيپٽمبر 2024ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي پهرين آڪٽوبر 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.