نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان جو محور آهي، مشڪل پ?? ضروري فيصلا ڪيا آه??، مالياتي خساري تي ضابطو آندو آهي، مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئ?? آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چ??و ته هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي اسان جي ڌيان جو محور رهي آهي، اسان مشڪل پ?? ضروري فيصلا ڪيا آهن جن اسان جي معيشت کي ڪِرڻ کان بچايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، مالياتي خساري تي ضابطو آندو، پنهنجي ذخيرن کي سگهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئ?? آهي. هن چ??و ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود اسان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ هڪ جهڙي طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاگرافيائي معاشي ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني آهي، شاندار چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي وئ?? آهي. هن چ??و ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي اسان مستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي هڪ نئين دور جي شروعات هوندي.