اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سر??لنڪا جي نئين چونڊيل صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ريپبلڪ آف سر??لنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ ??ڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ بهترين تعاون ڪندا آيا آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر آصف علي زرداري سر??لنڪا جي قيادت ۽ عوام لاءِ ??هترين صحت ۽ مسلسل خوشحالي لاءِ ??ه نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.