اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري ج??ن باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزي??اع??م پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مثبت ۽ لاڀائتن رابطن ??ي اهميت تي زور ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري ج??ن باس نائب وزي??اع??م اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. هن دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ??ي اهميت سميت اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وقتي انڊر سيڪريٽري آمريڪا ۾ افغانين جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. وقتي انڊر سيڪريٽري 2025 – 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميم??ر چونڊجڻ تي نائب وزي??اع??م کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مدي دوران پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو.