اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پول??و جي مڪمل خاتمي لاءِ خاص پول??و جي شروعات ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ??ڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 3 ڪروڙ ٻارن کي ان موذي مرض کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائي ويندي. 9 کان 15 سيپٽمبر تائين ان خاص مهم تحت 2 لک 86 هزار پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پول??و جي روڪٿام واري مهم جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته پاڪستان مان پول??و جهڙي موذي مرض جي خاتمي لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪندڙ شراڪتدارن ۽ دوست، عالمي تنظيمن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته مان اُميد ڪريان ٿو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ شراڪتدارن سان گڏجي ملڪ مان پول??و جي مڪمل خاتمي ۾ ڪاميابي ماڻيندي. انشاءَ الله پاڪستان مان پول??و جي مڪمل خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون ضرور رنگ لائينديون. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي عهديدار، پوليو ورڪرز، سيڪيورٽي اهلڪار سڀني کي پول??و جي روڪٿام لاءِ ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. والدين کي گذارش آهي ته پنهنجي 5 سالن کان گهٽ عمر جي سڀني ٻارن کي معذوريءَ کان بچائڻ لاءِ پول??و جا ڦڙا ضرور پيئارين. پنهنجي ٻارن جي محفوظ مستقبل لاءِ پول??و جي روڪٿام جي ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا. تقريب ۾ وزيراعظم جو صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ، پول??و جي روڪٿام لاءِ وزيراعظم جي خاص نمائنده عاشقه رضا فاروق، ڊبليو ا??ڇ او، يونيسيف، گيٽس فائونڊيشن ۽ گڏيل قومن جي نمائندن سان گڏوگڏ اعليٰ اخ??يارين شرڪت ڪئي.