اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي ڏکڻ اوڀر سنڌ سميت گلگت بل??ستان، ڪشمير، خيبر پختونخوا، پنجاب، پوٺوه??ر خطي، اتر اوڀر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۽ مٿانهين علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ان دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، وچولي پنجاب ۽ پوٺوه??ر خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. جڏهن ته ڪشمير، مٿانهين/ وچولي پنجاب، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بل??ستان ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. سومر ڏ??نهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي ??د رپورٽ مطابق نوڪنڊي، سبي ۾ 41، بهاولنگر، ڊيره اسماعيل خان ۽ تربت ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.