اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? آهي ته پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ مسقط ۾ هلندڙ هفتي ??طرفي سياسي مشاورت جو اٺون اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چي?? ته ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) سفير شهريار اڪبر خان ۽ اومان جي پرڏيهي وزارت ۾ جي سي سي ۽ ريجنل نيبرهوڊ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير شيخ احمد بن حشيل بن راشد المسڪري پنهنجي پنهنجي ??لڪ?? جي وفدن جي قيادت ڪئي. ترجمان چي?? ته ڌرين پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورنر خن بشمول سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، سلامتي ۽ دفاع، ثقافت، صحت ۽ قونصلر معاملن جو جامع ??ائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي ??اڪ اومان تعاون تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چي?? ته ڌرين غزه تي اسرائيل جي جنگ ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ تي ??ڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪرڻ جي مطالبي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.