لاهور -25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪ پي ڊبليو ڊي جي خاتمي سبب فارغ ٿيندڙ ملازمن کي ڏني ويندڙ مالي پئڪيج انهن ملازمن تي هر??ز لاڳو نه ٿيندو، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي حتمي مرحلي ۽ قانوني رخن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي جي خاتمي سبب فارغ ٿيندڙ ملازمن کي ملندڙ پئڪيج انهن ملازمن لاءِ هر??ز ناه??، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪ پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن جي صوبن ۽ لا??اپ??ل ادارن کي منتقلي جو حتمي لائحه عمل جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ بابت سموريون حتمي تجويزون ڪابينا سامهون پيش ڪيون وڃن. وزيراعظم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي گهٽ مدت وارن ملازمن ۾ محنتي ۽ ايماندار ملازمن کي ٻيهر روزگار فراهم ڪرڻ ل??ءِ ايج رليڪسيشن جي تجويز تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي ??زير احد چيمه، ناڻي وارو وفاقي ??زير محمد اورنگزيب، رٿابندي ۽ ترقي ??ارو وفاقي ??زير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ ورڪس وارو وفاقي ??زير رياض حسين پيرزاده ۽ ٻيا لا??اپ??ل عملدار شريڪ ٿيا.