اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب جي وز??را??ليٰ مريم نواز شريف پاران بجلي صارفين جي لاءِ تاريخي ريليف پئڪيج جي آجيان ڪندي چيو آهي ته 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ يونٽ 14 رپيا ڪرڻ جو ريل??ف بنا ڪنهن شڪ جي ميان محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وز??را??ليٰ جو عوام دوست بهتر قدم آهي، عوامي ريليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم چيو ته ميان محمد نواز شريف جي هدايت تي قلمدان سنڀاليندي ئي عوامي ريليف ??ي حڪومت جي اولين ترجيح رکيو، تازو ئي اسان وفاقي حڪومت جي ترقياتي ??جيٽ مان 50 ارب ڪاٽي بجلي جي قيمتن ۾ ريليف ڏن?? جنهن سان 200 يونٽ وارا صارفين فائدو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته بجلي چوري جي خلاف قدمن ۽ بجلي جي شعبي جي سڌارن سان ان جو پائيدار حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ معيشت جي استحڪام کانپوءِ ماڻهن جي زندگي آسان ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وز??را??ظم چيو ته معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪ صحيح رخ طرف گامزن آهي، عوامي ريليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي پائيدار حل جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.