اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغار?? چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، 20 نڪاتي سڌارن جي شروعات وزيرا??ظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٿي چڪي آهي. ڪالهه وزيرا??ظم جي توانائي بابت خاص مددگار محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته توانائي جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان لاءِ هن شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، وزيرا??ظم جي ويزن تحت سمورن وزارتن کي گڏجي سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻو آهي. وفاقي وزير اويس لغار?? چيو ته وزيرا??ظم جي حڪمن موجب توانائي جي شعبي تي نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، پاور سيڪٽر سان ڳنڍيل سمورا ادارا ٽ??سڪ فورس ۾ شامل آهن، نيشنل ٽاسڪ فورس توانائي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سمورن رخن جو جائزو وٺندي ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جو هڪ صحتمند شعبو ڏينداسين. وفاقي وزير اويس لغار?? چيو ته جيترو جلدي سان شيو?? ٺيڪ ڪنداسين اوتري جلدي معيشت بهتر رخن تي ايندي. وزيرا??ظم جي خاص مددگار محمد عل?? چيو ته اسان آءِ پي پيز ۽ پيداواري لاڳت بابت مسئلا ڏسي رهيا آهيون، هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪيئن ڪري سگهجي ۽ ڪيئن حڪومت صارفين تي بار گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ٽاسڪ فورس جو اجلاس روزاني جي بنياد تي ٿيندو جنهن جي اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.