اسلام آباد-04 ??گس?? (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳا??يل قراردادن مطابق ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاني جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، ڀا??ت والاريل ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظر نامي کي بدلائڻ لاءِ 5 ??گس?? 2019ع کان هڪ مسلسل مهم جو آغاز ڪري چڪو آهي، ڄمون ڪشمير ۾ ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائل سرٽيفيڪيٽ جاري ڪري، ووٽر لسٽن ۾ عارضي رهائشين کي داخل ڪرڻ، اسيمبلي تڪن ۾ تبديليون ۽ زمين ۽ جائيداد جي ملڪيت جي قانونن ۾ ترميمون ان مهم جو حصو آهن. اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار يوم استحصال 5 ??گس?? 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??تي قبضو مستحڪم ڪرڻ جي مهم کي 5 سال پورا ٿي رهيا آهن، غير قانوني طور تي ڀا??تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت ڪمزور ڪرڻ لاءِ اڄ کان 5 سالن پهريان ڀا??ت ڪيترائي هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم کنيا. هن چيو ته لکين ڀا??تي فوجين جي مسلسل موجودگي سبب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فوجي علائقن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي وڏي پيماني تي دستاويزي ۽ عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪشميري صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن سان ناروا سلوڪ اختلافي آوازن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ڀا??ت جي ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي آمادگي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀا??ت 5 ??گس?? 2019ع کان هاڻي تائين جي قدمن سان عالمي قانون، ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي، ڀا??ت جي داخلي قانون سازي ۽ عدالتي فيصلا ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد کي دٻائي نه ٿا سگهن. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام گڏيل قومن طرفان پنهنجي واعدن جي تڪميل لاءِ منتظر آهن. عالمي برادري ڀا??ت تي زور ڀري ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ سلامي ڪائونسل جي ل??ڳا??يل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر مملڪت پاڪستان جي ان اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳا??يل قراردادن مطابق ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.