اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين جي لاءِ فلسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان کي ساراهيو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام خاص طور تي غزه ۾ جاري ??نگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قابض فوج پ??ران عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي جي ڏس ۾ فلسطيني عوام جي وچ ۾ اتحاد انتهائي اهميت ??کن??ڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جاري ??يرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجمان چيو ته اسان فلسطيني عوام ج?? خودمختياري ??ي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، انهن جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري ??هر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.