اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وف??قي وزير راڻا تنوير حسين چي?? آهي ته ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وف?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڦٽين جي ٻج ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ تي وڌيڪ ٽيڪس جو معاملو بحث هيٺ آيو. وف??قي وزير راڻا تنوير حسين چي?? ته ڪپهه جي صنعت سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪ جي ڏيهي معيشت ۾ ڪپهه جي صنعت جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ ڦُٽين جي ڳٺڙين جي پيدوار تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. هن چي?? ته صوبائي حڪومت ذريعي ڪاٽن ڪنٽرول ايڪٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ڪنداسين، ڪاٽن سيڊ ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ جي سيلز ??يڪس ۾ جنرز کي رليف ڏيڻ جي تجويز کي غور هيٺ آندو ويندو، نون ٽيڪسن جو معاملو فنانس ڊويزن ۽ ايف بي آر ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويندو. ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وف?? چي?? ته ڳرن ٽيڪسن سان ڪاٽن جننگ انڊسٽري جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، حڪومت ان انڊسٽري جي ترقي لاءِ نوان لاڳو ڪيل سيلز ??يڪس واپس وٺي، وڌيڪ ٽيڪسن سبب ٽيڪس چوري وڌڻ جو خدشو آهي. وف?? جو چوڻ هو ته گذريل سيزن دوران ملڪ ۾ 8.4 ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون پيدا ٿيون، حوص??ي واري پاليسي سان 20 ملين ڳٺڙيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.