اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) قدرتي ??ئس جي وڪري جي قيمت بابت پيٽروليم ڊويزن جي سمري منظور ڪري ورتي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ، توانائي وارو و??ير سردار اويس احمد خان لغاري، ناڻي وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، اوگرا جي ن??ائ??دن، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قدرتي ??ئس جي وڪري جي قيمت بابت پيٽروليم ڊويزن جي تجويزن تي ٻڌل سمري جي منظوري ڏني وئي.