اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، ??لس??ينين جي نسل ??شيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ??لس??ين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو، پاڪستان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي جوابده بڻايو وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، ??لس??ينين جي نسل ??شيءَ ڪئي پئي وڃي، 37 هزار کان وڌيڪ ??لس??يني شهيد ٿي چڪا ??هن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، 20 لک ??لس??يني پنهنجي گهرن کان بي دخل ٿي چڪا ??هن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف هو ته 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تحت آزاد ??لس??يني رياست کي تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ ??لس??ين ۾ جنگي ڏوهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته غزه ۽ رفع بابت ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، اتي اسپتالن تي بمباري جاري آهي، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ امدادي سامان ضرورتمندن تائين پهچائڻ جي پهچ نه پئي ڏني وڃي، جيڪو هڪ وڏو الميو آهي، جنهن تي پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ زوردار آواز اٿار??و ۽ واضح موقف پيش ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اسلامو فوبيا بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.