آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن واپار ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ لا??اپ?? کي مضبوط بڻائڻ ۽ گهڻ رخي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪا به جاگرافيائي سياسي تبديلي اسان جي لا??اپ?? تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، اسان کي مستقبل ۾ پنهنجي لا??اپ?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ شنگهائي تعاون تعاون (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپاري ۽ اقتصادي لا??اپ??، توانائي جي شعبي، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خصوصي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لا??اپ?? جو احاطو ڪندي وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس سان پاڪستان جي لا??اپ?? جي اهميت تي روشني وڌي ۽ انهن لا??اپ?? ۾ مسلسل بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهي. وزيراعظم واپار، توانائي، دفاع ۽ سلامتي سميت گڏيل لاڀ جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ پاڪستان روس بين الحڪومتي تعاون جو ايندڙ اجلاس جلد ماسڪو ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم روسي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ وزيراعظم صدر پيوٽن کي ٻيهر روس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ روس وڌيڪ ترقي ڪندو. وزيراعظم چيو ته توهان سان ملاقات ڪري سٺو لڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جا روس سان گڏيل لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ روس وڏي عرصي کان دوست ملڪ آهن، اسان کي مستقبل ۾ لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، پاڪستان جا روس سان پراڻا ۽ ڪاروباري لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، آئون توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان ته جيئن انهن لا??اپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان توهان جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهون ٿا ۽ گڏيل واپار کي فروغ ڏئي سگهون ٿا جيڪو هن وقت هڪ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي درخواست تي توهان پاڪستان سان توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو هو، روس کان تيل جي سپلائي اسان کي موصول ٿي آهي اسان ان کي وڌيڪ وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان جا لاڳاپا مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهن ۽ ڪا جاگرافيائي سياسي تبديلي انهن لا??اپ?? تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ٻين ملڪن سان لاڳاپا اسان جي لا??اپ?? تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا روس سان پراڻا ڪاروباري رابطا آهن، اسان کي مستقبل ۾ انهن لا??اپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گذريل ملاقات ۾ به مون توهان سان ذڪر ڪيو هو ته 60ع ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ اسان بارٽر سسٽم تحت واپار جي شروعات ڪئي هئي ۽ اسان اڳوڻي سوويت يونين کان مشينري ۽ ٻيون مصنوعات برآمد ڪندا هئاسين ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي مصنوعات درآمد ڪندا رهيا آهيون، اسان کي مالياتي ۽ ٻيا بئنڪاري مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، روس سان بارٽر سسٽم تحت واپار کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون جيڪو پاڪستان جي لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ ان سان اسان ڪيترن ئي ٻين مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ۽ پاڪستاني قوم پاران آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان روس سان لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن چيو ته توهان سان ٻيهر ملي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻه سال اڳ اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ?? مليا هئاسين، اسان ٻطرفن معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي ڪري ٻطرفن لا??اپ?? ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. روس جي صدر چيو ته توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان پنهنجي تعاون کي وڌائي سگهون ٿا، غذائي تحفظ جي شعبي ۾ به پاڪستان سان تعاون وڌائينداسين.