اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائو??سل معيشت جي واڌويجهه جي هدفن، سالياماني منصوبابندي 25 – 2024ع بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ، پنج سالا ترقياتي من??وب??، پائيدار ترقي جي هدفن ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقياتي بجيٽ ۾ ترجيح ڏيڻ جي قدمن جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪي ترقي، معيشت جي بحالي ۽ عوام جي خوشحالي جي لاءِ موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي، معيشت جي حوالي سان سمورن اهم فيصلن ۾ وفاق ??وب?? ۽ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت کي يقيني بڻائيندو، زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حي??يت رکي ٿي، زرعي ترقي جي لاءِ ??وب?? سان مشاورت اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي ڪائو??سل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز خان بگٽي، پنجاب جي منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير مريم اورنگزيب، سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي صلاحڪار مزمل اسلم، بلوچستان جي منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ظهور احمد بليدي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي، معيشت جي بحالي ۽ عوام جي خوشحالي جي لاءِ حڪومت موجوده وسيلن جو بهترين استعمال يقيني بڻائيندي. هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي حوالي سان سمورن اهم فيصلن ۾ وفاق ??وب?? ۽ ڌرين سان مشاورت يقيني بڻائيندو ته جيئن ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل بصيرت جي نتيجي ۾ اهڙا فيصلا ڪيا وڃن جيڪي مثبت هجن ۽ سڀني جي رضامندي شامل هجي، قومي اقتصادي ڪائو??سل ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم فيصلن جو سڀ کان وڏو فورم آهي جنهن کي معيشت جي بحالي جي لاءِ اهم فيصلن جي لاءِ استعمال ڪنداسين. اجلاس ۾ ڪائو??سل گذريل ڏينهن لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس شهيد ۽ ٻين فوجي جوانن جي مغفرت جي لاءِ ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائو??سل کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ڪميٽي ??وب?? ۽ ٻين ڌرين سان تفصيلي مشاورت سان نه رڳو قومي اقتصادي ڪائو??سل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ پر ان کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ تجويزون جوڙيندي. ڪائو??سل کي 24 – 2023ع جي سالياني ترقياتي من??وب?? ۽ ڪارڪردگي ۽ 25 – 2024ع جي تجويز ڪيل ترقياتي من??وب?? بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جي لاءِ واڌويجهه جي شرح جي هدف ۾ واضح اضافو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حي??يت رکي ٿي، زراعت جي ترقي جي لاءِ ??وب?? سان مشاورت انتهائي اهم آهي، يقيني بڻايو وڃي ته زراعت ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان ??وب?? جي تجويزن کي پلان ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪائو??سل معيشت جي واڌويجهه جي شرح جي هدفن، سالياني منصوبابندي 25 – 2024ع بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ، Annual Plan 2024 – 25 جي اشاعت ۽ وزارتن، ??وب?? ۽ خصوصي ادارن کي ان من??وب?? تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪائو??سل کي تيرهين پنج سالا ترقياتي من??وب?? تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪائو??سل کي ٻڌايو ويو ته من??وب?? جي هدفن ۾ ملڪ جي هر خطي خاص طور تي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جي فروغ، سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي، افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، ناليج اڪانومي جي رخ ۾ ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کان بچاءُ جي لاءِ حڪمت عملي شامل آهي. ڪائو??سل منصوبابندي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ??وب?? کي قومي معيشت ۾ مثبت ڪردار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ واضح هدفن تي هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي. وڌيڪ هدايت ڪئي وئي ته معيشت جي مجموعي واڌويجهه جي شرح جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??وب?? کي مشاورتي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ شروعات اهم شعبن مثال طور زراعت کان ڪئي وڃي. ڪائو??سل کي معيشت جي بحالي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ قومي هدفن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته برآمدي مصنوعات جي تياري، زراعت جي جدت، مصنوعي ذهانت ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي، پائيدار قابل تجديد توانائي، پاڻي جي ذخيرن جو موثر استعمال، نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي موثر ۽ جلد عملدرآمد جهڙا قدم ايندڙ پنجن سالن ۾ ملڪي معيشت جي ترقي يقيني بڻائيندا. ڪائو??سل تيرهين پنج سالا ترقياتي من??وب?? جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪائو??سل 24 – 2023ع جي ترقياتي بجيٽ جو جائزو ۽ 25 – 2024ع جي ترقياتي بجيٽ جا تجويز ڪيل انگ اکر پڻ پيش ڪيا ويا. ڪائو??سل کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ ترقياتي بجيٽ ۾ سي پيڪ جي من??وب??، عالمي سيڙپڪاري جي من??وب??، پڄاڻي ويجهو جاري من??وب?? کي ترجيح ڏني ويندي. ان کانسواءِ پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) کي ترقياتي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقياتي بجيٽ ۾ ترجيح ڏني ويندي. ڪائو??سل ڄاڻايل قدمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪائو??سل کي سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) ۽ قومي اقتصادي ڪائو??سل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) جي پهرين اپريل 2023ع کان پهرين مئي 2024ع جي ڪارڪردگي تي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي.