بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سال 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر طور تي چونڊ تي خوشي جو اظهار ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان عالمي چئ??ين??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته يقينن هي هڪ قابل ف??ر ل??حو آهي، 182 ووٽ کڻي گڏيل قوم?? جو 26 – 2025ع جي لاءِ ميمبر چونڊجڻ امن ۽ سلامتي جي لاءِ اسان جي قوم جي عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته اسان عالمي چئ??ين??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان عالمي دنيا جي وچ ۾ امن، استحڪام ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.