اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب ا??ارات جو دورو ??ندو. اهو وزيراعظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب ا??ارات جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جي اهم وزيرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس موجب ا?? دوري دوران وزيراعظم جي گڏيل عرب ا??ارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات متوقع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف جي ٻين اماراتي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ثقافتي وابستگي سان ڳنڍيل آهن. مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ گهڻ رخي ٻ??رفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ??رڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.