رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح فعال آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار س??ود?? عرب جي واپار واري وزير ماجد القصبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پن موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح فعال آهي. وزيراعظم چيو ته س??ود?? عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پاڪستانين جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. س??ود?? واپار واري وزير چيو ته ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي واضح هدايتن موجب اسان پاڪستان کي سيڙپڪاري ۽ واپار جي حوالي سان ترجيح ڏئ?? رهيا آهيون، س??ود?? ڪاروباري ۽ واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هڪ کان ڏيڍ سال جي دوران ٻنهي ملڪن جي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاء?? هدفن جو تعين ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي نوجوانن ۽ نئين نسل ۾ سعودي پ??ڪستان دوستي جي حوالي سان جذبا وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.