اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏ??ل ??جلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال جو خصوصي طور تي ذڪر ڪي??. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري مسلمانن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ڀارتي حڪمت عملي جو حصو آهي، پ??ڪستان ڀارت جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ٿو، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ کن??ل ??مورا غيرقانوني قدم واپس وٺي. صدر چيو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي. صدر پنهنجي خطاب ۾ فلسطين جو پڻ ذڪر ڪي??. هن چيو ته پاڪستان کي بيگناهه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پارا?? وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي آهي، پ??ڪستان قابض اسرائيلي فوج جي کلي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو.