اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ??دا??ت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان خاتموي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان ا??ليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم گهرو وزارت کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ صوبائي دهشتگردي جي خاتمي وارن ا??ارن جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ صوبن سان تعاون وڌائڻ جي ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم ملڪي سيڪيورٽي خاص طور تي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ا??لاسن جو هر مهيني پاڻ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم سيڪيورٽي ايس او پيز جي باقاعدگي آئوٽ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي بڻائڻ جي ??دا??ت ڪئي. گهرو وزارت اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪي مجموعي امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.