اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضي?? سولنگي چيو آهي ته الحمدالله! اڄ ملڪ ۾ جمهوري عمل جاري آهي، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا ه??اس??ن ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، نگران حڪومت وقت سر چونڊون ڪرايون ۽ اڄ ملڪ ۾ نيون اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، اميد آهي نئين حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ پنهنجي اعزاز ۾ منعقد الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضي?? سولنگي نگران حڪومت جي دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ تعاون کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير مرتضي?? سولنگي چيو ته عوام جي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اميد آهي نئين حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. مرتضي?? سولنگي چيو ته پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان پارليامينٽ ??ي اجلاسن ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي، آئون پارليامينٽ ??ي ميمبرن ۽ سمورين سياسي پارٽين جا به ٿورا مڃان ٿو جن نگران حڪومت جي دور ۾ مو?? سان تعاون ڪيو. ان مو??عي تي پارلياماني معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سينيئر جوائنٽ ??يڪريٽري نگران دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. تقريب جي آخر ۾ نگران وفاقي وزير مرتضي?? سولنگي سڀني سان ملاقات ڪئي.