راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) عام چونڊن 2024 ۾ راولپنڊي ضلعي ۾ پو??نگ جو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيو. راولپنڊي ضلعي ۾ عام چونڊون 2024 لاءِ 7 قومي اسيم??لي ۽ 14 صوبائي اسيم??لي جي اميدوارن جي چونڊ لا??ِ پو??نگ پرامن طريقي سان ختم ٿي وئي. صبح 8 وڳي شروع ٿيل پو??نگ شام 5 وڳي تائين ڪنهن به وقفي کانسواءِ جاري رهي. پوليس طرفان ضلعي جي سمورن پو??نگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا جتي ووٽرز ڪنهن به خوف کانسوا??ِ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو. ضلعي جي ڪنهن به حصي ۾ ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن لاءِ 16500 کان وڌيڪ پوليس ?? ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سيڪيورٽي جا فرض ادا ڪيا. حساسيت جي لحاظ سان ڪيٽيگري اي جي 694 پو??نگ اسٽيشنز، بي ڪيٽيگري جا 1371 ۽ سي ڪيٽيگري جا 3425 پو??نگ اسٽيشن هئا. ريجنل پوليس آفيسر راولپنڊي ريجن سيد خرم علي مطابق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عمل کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويو.