اس??ام آباد-07 فيبروري (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستاني ادب جا معمار“ جي مهورتي تقريب جي موقعي تي چيو آهي ته سنڌ جي ??هذيب گهڻ رخي ٻوليون رکندڙ، گهڻا مذهبي عقيدا رکندڙ ۽ گهڻ نسلي آهي جنهن ڪيترائي مشهور اديب پيدا ڪيا ۽ علي بابا انهن مان هڪ هو. سنڌ جي مشهور ليکڪ علي محمد جيڪو علي بابا جي نالي سان مشهور آهي، جي ??ندگي ۽ ڪارنامن تي ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب ”علي بابا جي ??خصيت ۽ فن“ جي ليکڪ، ڪالم نگار ۽ تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته هو پاڻ انهن خوش نصيبن مان آهي جنهن علي بابا کي صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڏٺو آهي. هن چيو ته سنڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب وارو صوبو آهي ۽ شيخ اياز جو ڳاڻيٽو صوبي جي ??ظيم جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مدد علي سنڌي چيو ته هن ڪتاب ۾ علي بابا جي ??خصيت جي ??اري ۾ وڏو تفصيل سان لکيو آهي، علي بابا عظيم ليکڪ هجڻ باوجود پنهنجي ??ظمت کان بي خبر هو. هن چيو ته علي بابا جون تحريرون انساني وجود ۽ خودي جي گهرائي کي ظاهر ڪن ??يو??، علي بابا جي ڪمن جي ??اري ۾ وفاقي وزير چيو ته هن ناول موئن جو دڙو ۽ ڊرامي دنگي منجهه درياءَ جهڙا شاندار ڪم ڪيا. علي بابا جي فن کي لازوال قرار ڏيندي مدد علي سنڌي اميد ظاهر ڪئي ته سندس تحريرن جو اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويندو.