اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گ??رن??ڙ ڏينهن ??ان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو وڌي رهيو آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل ??ان خصوصي انٽرويو ۾ هن ڪشميرين ??ان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجهن. هن چيو ته فوجي طاقت ذريعي ڪشميرين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو طريقو استعمال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪشميرين کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن جي آزاديءَ وارو جذبو گ??رن??ڙ ڏينهن ??ان گڏ زور وٺي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پو??ي سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير ??سئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام ??چ ۾ اهڙو مضبوط رشتو آهي جو ڪوبه ڪشمير ڪاز ??ان غداري جو سوچي به نٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي ڪشمير ??سئلي جو سڀ کان وڏو چئلينج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت خصوصي ڪشميري ڪميٽين ??ان گڏجي ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪيو آهي ۽ آئينده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي ڪشمير ??سئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشمير جا ماڻهو غير ??انوني ڀارتي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن.