اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ت??ان??ئي جي شعبي ۾ سعودي عرب ج?? سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، ڪراچي اليڪٽرڪ پاران متبادل ت??ان??ئي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي خوش آئنده آهي، جنهن سان صارفين جي لاءِ بجلي جو ٽيرف گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب ج?? الجوميه گروپ جي سربراهه شيخ عبدالعزيز حماد الجوميه جي قيادت ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ ت??ان??ئي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر ب?? موجود هئا. الجوميه گروپ ڪراچي اليڪٽرڪ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي. نگران وزي??اع??م وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ج?? وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ سعودي عرب ج?? سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. پاڪستان جي ت??ان??ئي جي شعبي ۾ سعودي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪراچي اليڪٽرڪ پاران متبادل ت??ان??ئي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي خوش آئنده آهي جنهن سان صارفين جي لاءِ بجلي جو ٽيرف گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گهريلو ۽ صنعتي صارفين کي بنا رڪاوٽ جي بجلي جي فراهمي سان ڪراچي اليڪٽرڪ پنهنجي انفراسٽرڪچر ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي. نگران وزي??اع??م الجوميه گروپ کي پاڪستان ۾ متبادل ت??ان??ئي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني. الجوميه گروپ جي وفد ڪراچي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي نگران وزي??اع??م ۽ حڪومتي ٽيم جا ٿورا مڃيا. وفد نگران وزي??اع??م کي 1500 ميگاواٽ جي نئين سيڙپڪاري جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. انهن منصوبن ۾ مقامي ذريعن ۽ قابل تجديد ت??ان??ئي تي ڀاڙيو ويندو.