اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جلي?? عباس جيلاني پرامن ۽ مستحڪم افغا??ست??ن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪ??دي علائقائي استحڪام جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ايران جي افغا??ست??ن معاملن بابت خاص نمائندي حسن ڪاظمي قمي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پرامن ۽ مستحڪم خطي جو ويزن حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغا??ست??ن جي پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ هن افغا??ست??ن جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي آصف دراني سان افغا??ست??ن جي صورتحال ۽ امن امان ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ علائقائي عمل تي وسيع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.