اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) ايڊي??نل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ مصر جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن مصر جي ايشيا بابت معاون پر??يهي وزير احمد شاهين سان ملاقات ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مصر ۾ پاڪستان جو سفير ساجد بلال پڻ موجود هو. ڌرين سياسي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن سمي?? ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن جو جائزو ورتو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ دور جي اجلاس ۽ هن سال جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ س??لي??ني ٻطرفي مشاورت منعقد ڪرڻ شامل آهي. ايڊي??نل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ايشيا بابت معاون پر??يهي وزير 9 کان 11 جنوري تي قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين پاڪستان – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائش جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو جيڪا سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي. هن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.