اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت پاڪستان ??رڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي اختيارن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، هو ڪو بنيادي فيصلو نه ٿو ڪري سگهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي ايوان ??ي ٻڌايو ته ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري نگران حڪومت ناهي ڪئي، ان جي مقرري اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ٿي هئي، هو اڳ ۾ به ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رهي چڪو آهي، ن??ران حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي اختيارن کي محدود ڪيو آهي ۽ کيس هدايت ڪئي آهي ته هو ڪو بنيادي فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان سان ??ڏوگڏ اليڪشن جو به حڪم ڏنو ويو آهي.