اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چي?? آهي ته اسان جو خطو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مرڪز آهي، پاڪستان سدائين هڪ پرامن، خوشحال، مستحڪم ۽ ڳنڍيل افغانستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته جيئن افغانستان اسان جي خطي جي لاءِ واپاري ۽ توانائي جي رابطي جي رستي جي طور تي اڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته ??اڪستان هلندڙ سال افغانستان ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اجلاسن ۽ مڪينزم ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ۽ مش??ول??ت جي لاءِ پڻ پرعزم آهي ڇو ته ??ئي ملڪ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون جون راهون ڳولي رهيا آهن. هن چي?? ته اسان سيڪيورٽي ۽ بارڊر مئنيجمينٽ سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ افغان عملدارن سان رابطي ۾ آهيون. ترجمان چي?? ته ??لندڙ سال پاڪستان ايران لاڳاپن ۾ هڪ اهم سال هو. هن چي?? ته ??ئي 2023ع ۾ ٻنهي ملڪن مند – پشين بارڊر مارڪيٽ پليس ۽ 220 ڪي وي پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين منصوبن جو افتتاح ڪيو، ٻنهي ملڪ?? ٻطرفي اقتصادي مشاورت کي اداراجاتي بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ جون ۾ پنج سالا اسٽريٽجڪ واپاري تعاون جي منصوبي (2023- 28) تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپار جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي. هن چي?? ته علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اسان جي ويزن جي تعميل ۾ پاڪستان وچ ايشيا جي ملڪن سان به پنهنجي مضبوط رابطن کي جاري رکيو جڏهن ته اي سي او جي ڏس ۾ پاڪستان واپار، چرپر، رابطي، توانائي، سياحت ۽ اقتصادي ترقي ۽ پيداوار ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏنو.