اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??ڪ ۾ فاصلاتي ۽ آن لائين تعليمي نظام کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس ۽ هنرمند افرادي قوت کي تيار ڪرڻ لازمي آهي، معاشرو تعليم ي??فته نوجوان?? ۽ ??ورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته يونيورسٽين کي آن لائين تعليم ڏيڻ کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ تعليم جي فراهمي جي لاءِ آن لائين ايجوڪيشن کي وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته تعليم طرف ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ غربت گهٽ ۽ صحت جي صورتحال بهتر ٿيندي. صدر يونيورسٽي جي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي چيو ته اهي معاشري ۾ پنهنجي مثبت ڪردار جي ذريعي م??ڪ جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي کي نظر ۾ رکندي م??جوده حالتن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم اهميت رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاشري ۾ سٺي قدر?? ۽ ??خلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، تعليم جي م??دان ۾ شاگرد?? ۽ ??ورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر چيو ته اعليٰ تعليم ي??فته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي م??جوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. هن معاشري کي باسعور بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن اهي تعليم ي??فته نوجوان?? ۽ ??ورتن کي انهن جي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته تعليم جي م??دان ۾ ترقي ڪري پاڪستان اقتصادي ۽ سماجي طور تي ترقي ڪندو. هن چيو ته ملڪ کي تعليم ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي اصولن کي پڻ اختيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ آهي جن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي م??جوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ صدر ڪانووڪيشن دوران اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي تي 34 شاگرد?? ۽ ??اگردياڻين کي گولڊ ميڊل ڏنا.