اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪ??مت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي و??ت سر م??عقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چونڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مولانا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪ??مت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون وقت سر م??عقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نگران حڪ??مت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ چا??يو?? ٿا. مولانا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لاءِ نگران حڪ??مت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر م??ڪن تعاون جو يقين ڏياريو.